باڊهه (ن پ ا)  سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ، مذهبي انتهاپسدي خلاف باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ محمد علي خشڪ،  صابر جروار، مير مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين چيو ته پنجاب سامراج هميشه سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي، هاڻي هو سنڌو درياهه مٿان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌو جو پاڻي چوري ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌو جو پاڻي سنڌي قوم جو جياپو آهي، ان تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.