لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران موجب باڊھ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين سان مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو آهي سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن،جن لاءِ علائقي ۾ سرچ جاري آهي، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ عارف کهاوڙ طور ٿي آهي جيڪو قمبر ضلعي جو رهواسي آهي سندس مٿان سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن.