باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۾ سيپڪو عملي جو آپريشن غيرقانوني طور هلندڙ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽا، سيپڪو سب ڊويزن نصيرآباد جي  انجنيئر عبدالحفيظ قريشي ۽ باڊھه فيڊر جي انچارج مظهر الدين لوهر جي اڳواڻي ۾ باڊھه شهر جي مختلف علائقن درگاهه  پاڙو، پراڻي بازار ۽ ٻين هنڌن تي آپريشن ڪري 200 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي بجلي جون تارون ضبط ڪيون ويون، ان موقعي تي سيپڪو عملدارن جو چوڻ هو ته بجلي چورن خلاف ڪاروائيون جاري رکيون ويندون ڪنهن کي به بجلي چوري ڪرڻ نه ڏني ويندي اسان جي پهرين ترجيح آهي ته سيپڪو صارفين کي بهترين سهولتون فراھم ڪريون بجلي چوري جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.