باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۾ سنڌ آبادگار بورڊ پاران سارين جا اگھه وڌايو سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينال نامنظور جي سري هيٺ سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ باڊھه شھر جي اديبن، دانشورن، آبادگارن، صحافين پاران شرڪت ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن سردار ظفر سانگي، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، مقبول احمد ڪانڌڙو، پروفيسر امداد بروهي، ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، قومي پارٽي جي اڳواڻ محمد علي خشڪ ، ايس ٽي پي اڳواڻ شمس پنهور ۽ ٻين سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته سارين جو اگهه گذريل سال 34 سو روپيه في مڻ مقرر ٿيل هو جڏھن ته هن سال سارين جو اگهه 24 سو رپيا في مڻ آھي، جنهن سبب هارين کي تمام گهڻي  نقصان جو انديشو آھي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سارين جو اگھه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري سنڌو درياهه مٿان سمورا ڪينال رد ڪيا وڃن.