باڊهه (ن پ ا) باڊهه کي اڃا تائين تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ تعلقو ٺاهيو ڪاميٽي پاران علي محمد بروهي، زيب ساريو، انور عسڪري، دودو ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته باڊهه واسي گذريل ٻن سالن کان لڳاتار تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر افسوس آهي جو باڊهه مان چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت اسان جي احتجاج کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ملڻ بنيادي حق آهي، هنن مطالبو ڪيو ته باڊھه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري رهواسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.