باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه ويجهو ڳوٺ گابر مسڻ ۾ 11 جماعت جي شاگردياڻي 18 ورهين جي نوجوان ناري جنت خاتون سونهن ڌي علي گوهر پليجو مبينا طور ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ، جڏھن ته آپگهات جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو،ان حوالي سان ناري جي وارثن باڊھه ٿاڻي تي اطلاع ڏيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته ناري جنت خاتون سونهن گهر جي ڪمري ۾ اڪيلي سمهندي هئي جيئن ئي صبح کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪمري مان جواب نه ملڻ تي دروازو ٽوڙي ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته ناري جو ڦاهو ڏنل لاش ڇت ۾ لڙڪي رهيو هو، اطلاع تي باڊھه پوليس پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽمارٽم لاءِ باڊھه اسپتال پهچايو جتي ليڊي ايم ايل او مقرر نه هجڻ سبب لاش ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ناري جي لاش جو پوسٽمارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف پوسٽمارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ناري جو موت آپگهات سبب ٿيو آھي، جڏهن ته حتمي رپورٽ لاءِ جزا ورتا ويا آھن جيڪي روهڙي ليئبارٽري موڪليا ويندا، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو آپگهات لڳي رهيو آھي معاملي جي وڌيڪ ڪئي پئي وڃي .