باڊهه (ن پ ا) باڊهه تعلقه موومينٽ پاران 4 فيبروريءَ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. موومينٽ پاران هر هفتي اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ هن آچر تي به احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو ۽ موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽  ڪامريڊ قادر بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شهر واسين باڊهه پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ” حڪمرانو پنهنجا واعدا پورا ڪيو، باڊهه کي تعلقو ڪيو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا.اڳواڻن جو چوڻ هو ته باڊهه تعلقه موومينٽ 3 سال 6 مهينن کان وٺي هر آچر تي احتجاج ڪري پ پ جي اعليٰ قيادت کان وٺي مقامي چونڊيل نمائيندن سان روبرو ملاقاتون ڪري مطالبو ڪندي رهي آهي ته پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏيو ۽ باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پر هو مسلسل ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن.هنن چيو ته اسين پنهنجي جدوجهد کي تيز ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر 4 فيبروري 2023ع تي باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ ڪراچي جي ڪنوينر،  سينيئر صحافي عبدالحميد سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ۾ ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ رهندڙ باڊهه جا شهري ڀرپور شرڪت ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا ۽ حڪمرانن کي يادداشت نامون پيش ڪري مطالبو ڪندا ته باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو وڃي.