باھو کوسو(ن پ ا) باھو کوسو ۾ ھڪ ئي رات ۾ چوري جون 3 وارداتون ٿيون آھن، شھر  ۾ نامعلوم 10 کان وڌيڪ چور چوڪيدار دنگلا مرھيٽو کي يرغمال بڻائي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ عبدالخالق کوسو جو بيٺل ٽريڪٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺ نجم الدين کوسو ۾ پورھيت نثار احمد کوسو جي گھر  ۾ گھڙي چور ڏاند ڪاهي فرار ٿي ويا، مزاحمت ڪرڻ تي چورن ڀاڳي نثار احمد کوسو کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو، آر ڊي 44 ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چور عزيز الله ننڍواڻي جي گھر  ۾ گھري 2 ٻڪريون ۽ موبائيل چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف ايس ايس پي جيڪب آباد  شهر ۾ بدامني جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او باھو کوسو نظير احمد چانڊيو کي معطل ڪري اي ايس آءِ نياز احمد بنگلاڻي کي ايس ايچ او باھو کوسو مقرر ڪيو آھي.