باھوکوسو(ن پ ا)ڳڙھي حسن ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان مير حسن مير، نفيس سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مير حسن مير، نفيس سومرو، حاڪم علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌيءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.