باھو کوسو: شھر ۾ ھڪ پي پي ايچ آءِ اسپتال ته موجود آھي پر ان ۾ صحت جون ڪي به سھولتون موجود ناھن اسپتال ۾ دوائن جي شديد کوٽ ھجڻ ڪري ۽ ڊاڪٽرن جو عملو نه ھجڻ ڪري اسپتال مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي ٻئي طرف ايس ايڇ او باھو کوسو اسپتال جي ڪواٽرن تي قبضو ڪري ويٺل آھي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر به مقرر ناھي جنھن ڪري ٻھراڙي جو عورتون ڊليوري لاءِ ھزارين رپيا خرچ ڪري ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سفر ڪري ٺل، جيڪب آباد، ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين شھرن ڏانھن وڏي تڪليفن سان وڃڻ تي مجبور آھن، ته وري ڪي عورتون اسپتال پھچڻ کان اڳ رستي ۾ ئي پنھنجي حياتي تان ھٿ کڻي ٿيون وڃن، پي پي ايچ آءِ اسپتال بي لاڀ ھجڻ ڪري باھو کوسو ۾ سوين عطائي ڊاڪٽرن ديرا ڄمائي پنھنجون ڪلينڪيون کولي انساني جانين سان کيڏڻ لڳا آھن.