باھو کوسو (ن پ ا) بگٽي ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڦر دوران قتل ٿي ويل نوجوان جاويد بگٽي واري معاملي تان ھلندڙ تڪرار جو جرڳو بلوچستان جي شھر جھٽ پٽ ۾ فائق جمالي ۽ حاجي جمل بگٽي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، صادق بگٽي ۽ جعفر عرف شانو جمالي جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد جعفر عرف شانو جمالي مٿان 60 لک روپيا ڏنڍ مقرر ڪيو ويو، جعفر جمالي ڌر صادق بگٽي جي ڌر کي ڏنڍ جي رقم 3 قسطن ۾ ادا ڪندي، موقعي تي پنج لک ادا ڪيا ويا، ڌرين فيصلو قبول ڪندي کير کنڊ ٿي ويون،  ياد رھي ته 4 مھينا اڳ باھو کوسو ٿاڻي جي حد بولو ڪلر وٽ نوجوان بُهه جو واپاري جاويد بگٽي ۽ صادق بگٽي رات جو موٽرسائيڪل تي بلوچستان پنھنجي ڳوٺ حاجي جمل بگٽي وڃي رھيا ھئا ته ڦر دوران مذمت تي ھٿياربندن نوجوان جاويد بگٽي کي قتل ڪري صادق بگٽي کي زخمي ڪيو ھو جنھن بعد ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو ھو ھڪ مھينو اڳ بگٽي برادري بلوچستان جي شھر اوسته محمد ۾ غلام مصطفي رند جي سرپئنچي ۾ جوابدار جعفر عرف شانو جمالي کان باھ جي چرڀيلي ساک ورتي ھئي جنھن ۾ جعفر عرف شانو جمالي ڏوھي ثابت ٿيو ھو جنھن معاملي جو جرڳو ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو آھي.