باھوکوسو(ن پ ا) باھوکوسو لڳ پوليس ڳجھي اطلاع تي بگو شاخ وٽ ڇاپو ھڻي چوري ٿيل ٽريڪٽر هٿ ڪري ورتو ، ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿي ويا، جنھن بعد پوليس تصديق بعد ٽريڪٽر مالڪ حاجي عبدالحق کوسو حوالي ڪيو 20 ڏينھن اڳ چور چوڪيدار کي يرغمال بڻائي دوڪان جا تالا ٽوڙي حاجي عبدالحق کوسو جو ٽريڪٽر چوري ڪري ويا ھئا , ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آھن ته چوري ٿيل ٽريڪٽر جي مالڪ حاجي عبدالحق کوسي 6 لک روپيا ڀنگ ڏيڻ بعد پوليس چوري ٿيل ٽريڪٽر برآمد ڪيو ويو آھي.