باھوکوسو(ن پ ا) باھوکوسو لڳ 4 مھينا اڳ ٻن مقتول نوجوان سوٽن جي قتل ڪيس ۾ گھربل روپوش جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آر ڊي 44 ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق مرھيٽو ۾ 4 مھينا اڳ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل ٻن سوٽن فدا حسين مرھيٽو ۽ ادب حسين مرھيٽو جي قتل ڪيس ۾ گھربل روپوش جوابدار قادر بخش مرھيٽو کي پوليس لنڊو گير وٽان گرفتار ڪري ورتو آھي، پوليس موجب ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ٻن قتلن جي ڪيس ۾ گھربل روپوش جوابدار قادر بخش مرھيٽو کي لنڊو گير وٽان گرفتار ڪيو آھي جوابدار کي معلومات وٺڻ بعد ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.