باھوکوسو(ن پ ا) باھوکوسو لڳ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، ڳوٺ عبدالمجيد کوسو ۾ جوابدار مڙس ڪارنھن الزام ھيٺ فائرنگ ڪري پنھنجي زال مسمات منڊم کوسو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پھچي زخمي ناري کي تعلقه اسپتال ٺل پھچايو جتي ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو، ناري لاڙڪاڻي اسپتال ۾ رخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار مڙس الله بخش کوسو پاڙيسري سان ڪارنھن الزام مڙھي پنھنجي زال کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.