باهوکوسو ويجھو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

0
17
باهوکوسو ويجھو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
باهوکوسو ويجھو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

باھو کوسو(ن پ ا) باھو کوسو لڳ ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، جوابدار فرار،ڳوٺ تڳيو کوسو ۾ جوابدار محبوب جکراڻي موبائيل فون تي ڳالھائڻ تان پنھنجي زال پيران جکراڻي ۽ نوجوان خان مرھيٽو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا،  ٻي طرف نوجوان خان مرھيٽو جي ڀاءُ رضا محمد مرھيٽو جو چوڻ هو ته ڀاءُ خان مرھيٽو گھر ۾ ويٺو ھو ته  محبوب جکراڻي ساٿين سان گڏجي گھر ۾ گھڙي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي کيس ڪوڙي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي،  پوليس موجب جوابدار مڙس محبوب جکراڻي ڪارنھن الزام ھيٺ پنھنجي گھرواري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو آهي، واقعي جو اطلاع دير سان مليو، جنهن سبب جوابدار فرار ٿي ويو آهي، ٻي طرف مقتول خان محمد جي وارثن واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ رضا مرھيٽو، ڀيڻ جانل مرھيٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بيگناهه اسان جي نوجوان کي ماريو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.