بدين/حيدرآباد(رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو) سنڌ جي خوبصورت شاعر آڪاش انصاري جي وارثن واقعي کي شارٽ سرڪٽ بدران قتل هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. سندس وارثن ۽ انصاري برادري جي ماڻهن حيدرآباد ۾ ڪمري کي لڳل باھه واري معاملي جي اڻ ڌري ۽ گھڻ رخي جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. سندس سئوٽ سينيئرصحافي محمد عثمان انصاري، محمد عيسا انصاري، قرب علي انصاري، مسمات حنيفان انصاري، مسمات ھوا انصاري ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر اڪاش انصاري پنھنجي انقلابي شاعري ذريعي وقت جي ھر ظالم حڪمران توڙي آمرن کي للڪاريو آھي جنھن سبب کيس ڪيترائي ٿريٽ ھئا، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر اڪاش انصاري جي حيدراباد واري گھر ۾ ڪمري کي لڳل باھه واري واقعي جي مڪمل ۽ آڻ ڌري جانچ ڪرائي اصل حقيقتون سنڌ جي ماڻھن سامھون انديون وڃن، ڊاڪٽر آڪاش جي دردناڪ وڇوڙي تي سندس سئوٽ حنيفان انصاري جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انسان ۽ پکين کان پيار ڪرڻ وارو انسان هو پر جهڙي طريقي سان واقعو پيش آيو آهي ان ۾ شڪ ٿئي ٿو، ان ڪري ڊاڪٽر آڪاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن واقعو شارٽ سرڪٽ بدران قتل جو هجي ته زندگي ۾ اسان کي پڇتائڻو نه پوي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن باهه لڳي هئي ته باهه جي گرمائش ۾ آڪاش جي اک به کلي وڃي ها پر کيس شڪ آهي ته آڪاش کي پهرين قتل ڪري پوءِ باهه ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر آڪاش جي سئوٽ عثمان انصاري پڻ شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته کيس معاملو شارٽ سرڪٽ نه پر گهر کي باهه ڏئي ساڙڻ جو لڳي رهيو آهي ان ڪري معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.