باهه وسائيندڙ روبوٽ جي ايجاد..

0
41
سوشل ميڊيا ايپس جو جُنون ۽ ان ۾ آيل هڪ نواڻ

اسپين ملڪ جي سائنسدانن جي هڪ گروپ اهڙي گرائونڊ روبوٽ جي ڊزائن تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جيڪو باھه وسائڻ ۽ باھه جي صورتحال جي باري ۾ ڊيٽا گڏ ڪري فائر فائٽرز کي مختلف طريقن سان مدد فراهم ڪري سگھي ٿو.

                 هڪ سائنسي ويبسائٽ جي هڪ تازي رپورٽ مطابق موجوده دور ۾ مختلف ڪمن ۾ مدد لاءِ مختلف قسم جي روبوٽن تي تحقيقات جاري آهي. ڇاڪاڻ ته روبوٽ گھڻن ئي پيشن ۽ پيشيور ماڻھن لاءِ اهم معاون ۽ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. جڏهن ته اهي انسانن جي مدد ۽ انساني زندگي جي بچاءُ  واسطي مدد لاءِ به پري پري  ۽ خطرناڪ ترين جاين تائين آساني سان پهچي سگھن ٿا ۽ انسانن کي به اتي پهچائڻ ۾ هر ممڪن مدد ڪري سگھن ٿا. فائر فائٽرز جن کي پنهنجن مشنن جي دوران موت ۽ معذوري سميت زخمي ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي هاڻي اهي پنهنجي پيشي ۾ مدد لاءِ قابل اعتماد روبوٽن کان ڪم وٺي سگھندا.

                  اسپين ۾ ميڊرڊ جي ري خو آن يونيورسٽي جي محققن جي هڪ گروپ تازوئي هڪ آٽوميٽڪ زميني روبوٽ بنائڻ  ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جيڪو بند جاين تي هنگامي مشنن ۾ فائر فائٽرز جي مدد ڪري سگھي ٿو. انهن روبوٽس جو نظام فائر فائٽرس ۾ پنهنجي مشن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهو روبوٽ فائرفائٽرز لاءِ باھه کان متاثر جاين تائين پهچڻ لاءِ محفوظ رستا ڳولي ٿو ۽ انهن کي ٻاهر نڪرڻ باھه ۾ ڦاٿل ماڻھن کي بچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪري ٿو.

هن پراجيڪٽ جي محققن مان هڪ نويلا فرنانڊيز تلاويرا چيو آهي ته،“هي ڪاميابي مختلف پيشيورن جي مدد واري هڪ تحقيقي منصوبي جو حصو آهي جنهن کي حادثن ۽ مشنن  کي گھٽائڻ واري مقصد لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هن روبوٽس کي ڊرون گرائونڊ روبوٽ ۽ فڪسڊ ٽريفڪ لائٽس استعمال ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿو. گرائونڊ روبوٽ ريئل ٽائم ماحولياتي حالتن فراهم ڪري فوري طور هنگامي ٽيمن جي مدد ڪري ٿو.“

 تلاويرا چيو ته اسپين ۾ باھه جي باري ۾ تازين تحقيقن مان خبر پئي آهي ته فائر فائٽرز جي مدد لاءِ نئين ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي. ان تحقيقات ۾ بند ماحول جي اندر مشن جي دوران فائر فائٽرز جي خلاف ٿيڻ وارن واقعن جي باري ۾ مختلف ڊيٽا ڪٺا ڪيا آهن. جيئن ته ڪنهن اسٽرڪچر جي ڪرڻ يا ان جي تباهه ٿيڻ يا زهريلي گيسن ۾ ساھه کڻڻ سان پيدا ٿيڻ وارين بيمارين يا اهڙين ٻين پيچيدگين جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگھجي ۽ ان جي مدد سان انهن نقصانن جو تدارڪ ڪري سگھجي.

تلاويرا وڌيڪ چيو ته انهن انگن اکرن کي باھه وسائڻ وارن مشنن کي شروع ڪرڻ کان اڳ ماحول کي بهتر طور سمجھڻ جي ضرورت کي ظاهر ڪيو آهي. باھه لڳڻ واري جاءِ ۾ گيسن جي خطرناڪ مادن جي موجودگي ۽ انهن جي ممڪن رستن جي باري ۾ مڪمل معلومات جو هئڻ ضروري آهي. ته جيئن باھه کي موثر ۽ محفوظ طريقي سان وسائي سگھجي.

 محققن جي ان گروپ جو تيار ڪيل روبوٽ آسپاس جي ماحول جو جائزو وٺي سگھي ٿو، ۽ فائر فائٽرز کي فرسٽ هينڊ گھربل معلومات فراهم ڪري سگھي ٿو. هي روبوٽ مختلف قسم جا سينسرز استعمال ڪري ٺاهيا ويا آهن جيڪي بند جاءِ تي درجه حرارت، گھم ۽ هوا جي معيار سان گڏوگڏ ماحول ۾ ان جي پوزيشن ۽ ٻين شين جي پيمائش ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ان قسم جي ڊيٽا کي هڪ ڊيٽا بيس ۾ محفوظ ڪيو ويندوآ هي جنهن تائين فائر فائٽرز اسمارٽ فون ايپس جي ذريعي حاصل ڪري سگجھي ٿو.

 تلاويرا جو چوڻ آهي ته هي روبوٽ ٽن طريقن سان استعمال ڪري سگھجي ٿو، هڪ ته هينڊ هليڊ فارم فيڪٽر آهي جيڪو صارف کي ڪي بورڊ جي مدد ان کي پري کان ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ان ريت صارف روبوٽ کي گرافيڪل انٽرفيس جي مدد سان ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو.

 ان کان سواءِ روبوٽ آٽوميٽڪ طريقي سان به ڪم ڪري سگھي ٿو، ۽ آزادي سان بند ماحول ۾ باھه جي ڳولا ڪري ۽ وسائي سگھي ٿو. هن مشن جي تڪميل جو انحصار رستي جي منصوبه بندي تي آهي جيڪو الگورٿم تي مشتمل هوندو آهي. جيڪي ان سان وابسطه سينسز جي مدد سان گڏ ڪيل ڊيٽا کي پنهنجي رستي ۽ آسپاس وارين رڪاوٽن جي نشاندهي لاءِ استعمال ڪري ٿو ۽ روبوٽ کي گھربل رستو ڏيکاري ٿو.

 تراويلا مطابق آٽوميٽڪ موڊ ۾ روبوٽ تمام ڪمرن ۾ ڪوريڊورز کي چيڪ ڪري سگھي ٿو ۽ ماحولياتي حالتن جي باري ۾ تفصيلي معلومات فراهم ڪري سگھي ٿو.

هن روبوٽ کي هڪ ٻئي به طريقي سان استعمال ڪري سگھجي ٿو ان طريقي ۾ اهو گهربل معلومات کي تيز رفتار ۽ محفوظ انداز ۾ فراهم ڪري ٿو. انهي انداز ۾ روبوٽ باھه واري جاءِ جي باري ۾ پنهنجي اڳوڻي ۽ موجوده ڊيٽا کي استعمال ڪري ٿو ته جيئن هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ موجوده وقت مطابق فوري طور اندازو لڳائي سگھجي. ان جو مقصد ڪنهن زخمي انسان کي ان جاءِ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ اهڙن ئي معاملن ۾ استعمال آهي.

هن روبوٽ کي مختلف فيلڊ ۽ مصنوعي آزمائشن مان گذاريو ويو آهي ۽ ان جو نتيجو مڪمل طور تي اطمينان بخش رهيو آهي ته روبوٽ هر قسم جي رڪاوٽن کان بچي فائر فائٽرز جي انهن جي مختلف قسمن جي مهمن ۾ ضرورت مطابق مڪمل مدد ڪري سگھي ٿو.