لاهور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي، فيصلا ڪندڙن زوري حڪومتون ٺاهيون، کين ليڊرز نه غلام کپن،ملڪ کي ڏنڊي جي زور تي نٿو هلائي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته مديني جي رياست انصاف تي قائم هئي، دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين مديني جهڙي رياست نه ٿي ملي، جتي عدل ۽ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني اِها بهترين رياست هوندي. سندس چوڻ هو ته اڄ ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، پاڪستان سياسي تحريڪ ذريعي وجود ۾ آيو، افسوس آهي ملڪ ۾ سياست بدران ڏنڊي جي زور تي ماڻهن کي ويهاريو ويو آهي. هن چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پنهنجن ماڻهن کي آڻڻ ۽ عوام تي مڙهڻ لاءِ تجربا ڪيا ويا. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو، قوم پُڇي ٿي ته ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙن کي ڪهڙي سزا ڏني وئي آهي؟