اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف سان اڊيالا جيل ۾ وڪيلن کي ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ثمن رفت امتياز ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن ڪيس ۾ ڏنل عدالتي آرڊر جي ڪا خلاف ورزي ناهي ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ايس او پيز ٺاهڻ جي ڊائريڪشن ڏني هئي. جيڪڏهن خلاف ورز ٿي آهي ته توهين عدالت جي درخواست اُن بينچ ۾ داخل ٿيندي. منهنجي خيال ۾ هي توهين عدالت جي درخواست هن ڪيس ۾ نٿي ٺهي. مان نوٽِس جاري ڪريان ٿي پر مطمئن ناهيان. جسٽس ثمن رفعت امتياز وڪيل کي هدايت ڪئي ته تيستائين ٻين رخن تي به غور ڪيو وڃي. عدالت توهين عدالت جي درخواست ۾ سيڪريٽري داخلا ۽ سپريٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.