باني سان ملايو: پي ٽي آءِ جو اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج، پٿراءَ، عمران جون 3 ڀينر ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار

0
18
باني سان ملايو: پي ٽي آءِ جو اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج، پٿراءَ، عمران جون 3 ڀينر ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار
باني سان ملايو: پي ٽي آءِ جو اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج، پٿراءَ، عمران جون 3 ڀينر ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار

راولپنڊي(م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان سان گهرڀاتين ۽ اڳواڻن کي ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جيل ويجهو احتجاج ۽ پٿراءُ ڪيو، پوليس عمران خان جي ڀينرن، عاليا حمزا، ايم اين اي شفقت اعواڻ سميت ڪيئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب، اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات جي ڏينهن عمران خان جون ڀينرون، بشريٰ بي بي جا گهرڀاتي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اڊيالا جيل پهتا هئا. پي ٽي آءِ وڪيل بئريسٽر ظفر علي، علي عمران شهزاد، حسنين سنبل، متين ۽ عاقن خان به اڊيالا جيل پهتا عمران خان جي فيملي کي اڊيالا جيل کان اڳ روڪيو ويو. پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن عليما خان، عظميٰ خان ۽ قاسم خان نيازي کي نجي فارما سيوٽيڪل ڪمپني جي ويجهو روڪيو ويو. ڪارڪنن طرفان گورکپور ناڪي وٽ پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن جي ملاقات نه ڪرائڻ تي احتجاج ڪيو ويو، پوليس طرفان ٻنهي ڀينرن ۽ سئوٽ قاسم نيازي جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ هو ته عليمه خان کي ملاقات جي اجازت ناهي، باقي ٽنهي فيملي ميمبرن جي ملاقات ڪرايون ٿا، احتجاج ڪرڻ تي گورکپور ناڪي ويجهو پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن سميت ڪيئي عورت ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار اڳواڻن ۾ ايم اين اي شفقت اعواڻ، صاحبزده حامد رضا به شامل آهن.