اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته باني جي آزادي لاءِ ڪارڪنن جو وڏو دٻاءَ آهي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مخصوص سيٽن واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان وڏي مايوسي ٿي، اسان جون کٽيل سيٽون ريوڙين جيان ورهايون ويون، جيڪو غلط عمل آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪي پي جا ايم پي اي ڪنهن پارٽي ۾ نه ويندا، علي امين گنڊاپور خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿيندي، ڄمي مقابلو ڪنداسين، جنهن کي به شوق آهي هو بي اعتمادي رٿ آڻي ڏيکاري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارٽي ۾ اختلاف ٿيندا آهن، پر اختلاف نه وڃڻ نه گهرجن، جيترو علي امين اسان جي لاءِ معتبر آهي ايترو ئي جنيد اڪبر به آهي. هن وڌيڪ چيو ته خان صاحب سان ملاقات جي اجازت ناهي ملي رهي. بجيٽ مشروط پاس ڪيو، باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ ڪارڪنن جو وڏو دٻاءَ آهي، اسان ان باري ۾ هر فورم تي آواز اٿاري رهيا آهيون.