ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي هدايتڪار رام گوپال ورما بلاڪ بسٽر فلم پشپا 2 جي سپر اسٽار الو ارجن جي گرفتاري کي پبلسٽي اسٽنٽ قرار ڏئي ڇڏيو، گذريل هفتي فلم “پشپا 2” جي اسڪريننگ دوران ڀاڄ پئجي وڃڻ جي ڪيس ۾ الو ارجن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو هو. تلنگانا هاءِ ڪورٽ الو ارجن کي 4 هفتن لاءِ 50,000 رپين جي مچلڪن تي عبوري ضمانت ڏني، پر هن کي رات جيل ۾ گذارڻي هئي ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جو وارنٽ دير سان جاري ڪيو ويو هو، پر ٻئي ڏينهن صبح جو کيس آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته هاڻي بالي ووڊ ڊائريڪٽر رام گوپال ورما سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن گرفتاري کي پبلسٽي اسٽنٽ قرار ڏنو آهي. رام گوپال ورما پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته تلنگانا حڪومت جي قدمن جو مقصد رياست جي محبوب شخصيت الو ارجن جي فلم “پشپا 2” جي رليز جي ٻئي هفتي کي هٿي ڏيڻ هو. رام گوپال ورما پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته هرڪو حيران ڪندڙ صدمي ۾ آهي، تلنگانا جي وڏي وزير ايئن ڇو ڪيو؟ منهنجو خيال آهي ته هن گرفتاري جو مقصد تلنگانا جي پسنديده پٽ جي فلم “پشپا 2” جي ٻئي هفتي جي بزنس لاءِ وڏي پبلسٽي هئي. هن چيو ته رياست ڄاڻي واڻي الو ارجن کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ڪجهه ڪلاڪن اندر ضمانت تي آزاد ڪيو ته جيئن هو ميگا مقبول ٿي سگهي ۽ باڪس آفيس تي گهڻي وقت تائين راڄ ڪري.