ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي ناليواري فلمساز ۽ هدايڪتار انوراگ ڪشپ بالي ووڊ کي الوداع چئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، انوراگ ڪيشپ باظابطا طور تي فلمي دنيا ڇڏڻ جي تصديق ڪندي انڊسٽري کي “زهريلو” قرار ڏنو، جيڪا رڳو باڪس آفيس جي انگن اکرن جي چوڌاري ڦري ٿي. هدايتڪار مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي هندي سئنما مان مايوسيءَ جو اظهار ڪندي انڪشاف ڪيو ته هو ممبئي به ڇڏي چڪو آهي. انوراگ ڪيشپ جو چوڻ هو ته هو انڊسٽريءَ جي ماڻهن کان پري رهڻ چاهي ٿو، هي صنعت ڏاڍي زهريلي بڻجي وئي آهي، هر ڪو غير حقيقي هدفن پٺيان ڊوڙي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته هو پنج يا اٺو سئو ڪروڙ جي بجيٽ واري فلم ٺاهڻ ۾ رڌل آهي، پران لاءِ تخليقي ماحول ختم ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته انوراگ ممبئي ڇڏي امڪاني طور ڏکڻ ڀارتي شهر بئنگلورو شفٽ ٿي چڪو آهي. انوراگ ڪيشپ ان کان اڳ ۾ به بالي ووڊ مان مايوسيءَ جو اظهار ڪندي ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. واضح رهي ته هدايتڪار انوراگ ڪيشپ اهو ڀارتي فلمساز آهي جنهن ڪيئي ستارن کي متعارف ڪرايو، جن ۾ نواز الدين صديقي جهڙا فنڪار پڻ شامل آهن.