ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ منافعو ڏيندڙ فلم “ڪشمير فائلز” بڻجي وئي آهي، جنهن وڏي پيماني تي ڪمائي ڪئي آهي. ويويڪ اگني هوتري جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم کي 1990ع ۾ ڪشميري هندن جي نيڪال جي موقعي تي ٻڌل قرار ڏنو ويو آهي ۽ رڳو 15 کان 25 ڪروڙ رپين جي بجيٽ تي بڻيل ان فلم سڄي دنيا ۾ 340.92 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو، جيڪو 1165 سيڪڙو منافعو بڻجي ٿو، فلم ۾ مٿن چڪرورتي، انوپم کير، درشن ڪمار ۽ پلوي جوشي مرڪزي ڪردار ادا ڪيا آهن، پنهنجي رليز بعد فلم کي مليل جليل تاثرات مليا، جتي فلم جي سينيماٽوگرافي ۽ اداڪارن جي پرفارمنس جي تعريف ڪئي وئي، اتي ان جي ڪهاڻي کي تاريخ جي مختلف زاويي کان ڏيکارڻ ۽ مبينا طور تي اسلامو فوبيا کي هٿي ڏيڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، ڪشمير فائلز قومي فلم ايوارڊز ۾ بهترين قومي موضوع تي فيچر فلم ۽ بهترين معاون اداڪاره جا ايوارڊز حاصل ڪيا، جڏهن ته فلم فيئر ايوارڊز ۾ به ست نامزدگيون حاصل ڪيون، جن ۾ بهترين فلم، بهترين هدايتڪار ۽ بهترين اداڪار شامل هيا.