ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان عالمي آڊيو ويزول ۽ انٽرٽينمينٽ سمٽ WAVES 2025 دوران انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي سئنما جو انفراسٽرڪچر دنيا کان گهڻو پٺتي آهي. عامر خان سمٽ دوران ڀارتي فلم انڊسٽري جي موجوده حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته ڀارت ۾ فلمي بنيادي ڍانچي ۾ سخت کوٽ آهي. هن چيو ته ” ڀارت ۾ رڳو 10000 سئنما اسڪرينون آهن، جڏهن ته آمريڪا جنهن جي آبادي اسان کان گهٽ آهي اتي 40000 اسڪرينون موجود آهن.“ عامر خان وڌيڪ چيو ته چين ۾ اهو انگ اٽڪل 90000 آهي. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ موجود اسڪرينن مان اڌ ڏکڻ ڀارت ۾ آهن، جڏهن ته باقي سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ عام هندي فلم وڌ کان وڌ 5000 اسڪرينن تي رليز ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سڀ کان وڏيون فلمون به رڳو 3 ڪروڙ ماڻهن تائين ٿئيٽرز ۾ پهچي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڀارت جي آبادي ان کان گهڻي آهي. ياد رهي ته سمٽ ۾ شاهه رخ خان، دپيڪا پاڊوڪون، راجني ڪانت ۽ ٻين ڪيترن ئي مشهور شخصيتن پڻ شرڪت ڪري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.