ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪاجول جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان ۽ عامر خان تمام پروفيشنل اداڪار آهن، پر سلمان خان جو اسٽار پاور بي مثال آهي. واضح رهي ته 51 ورهين جي ڪاجول انهن چند اداڪارائن مان آهي، جن کي انهن ٽنهي خانن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هڪ ڀارتي ميڊيا اداري کي تازو ڏنل انٽرويو ۾، بالي ووڊ انڊسٽري کي ڪيتريون ئي هٽ فلمون ڏيندڙ ڪاجول انهن ٽنهي خانن جون ڌار ڌار خاصيتون بيان ڪيون. هن چيو ته سلمان جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن جي اسٽار پاور جو ڪو مقابلو ناهي. هن چيو ته عامر ۽ شاهه رخ خان اهي سڀ ٽرافيون کٽڻ جا حقدار آهن، جيڪي پروفيشنل هجڻ تي ملن ٿيون. ٻئي پنهنجي ڪم سان انتهائي سنجيده آهن، ۽ پنهنجي هنر، فن ۽ نظم و ضبط بابت تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا. پر جڏهن ڪم جي ڳالهه ٿئي ٿي، ته “سلمان، سلمان ئي آهي” – ان تي بحث ته ڪري سگهجي ٿو، پر هو سالن کان اهڙو ئي آهي، ۽ اها ڳالهه ناقابلِ يقين آهي. ايتري تائين جو عامر خان به هڪ ڀيرو چيو هو ته “سلمان جون فلمون ڪهڙي به ڪارڪردگي ڏيکارين، پر هو مون کان وڏو اداڪار آهي، ڇاڪاڻ ته سندس فلمون سئو ڪروڙ کان مٿي بزنس ڪنديون آهن. سلمان جا مداح هن سان جنون جي حد تائين محبت ڪن ٿا.
جڏهن ڪاجول کي ٻڌايو ويو ته اڪشي ڪمار به باڪس آفيس تي سلمان سان ٽڪر ڏئي چڪو آهي، ۽ سندس 18 فلمن به سئو ڪروڙ کان مٿي ڪمايون آهن، ته ان تي ڪاجول چيو، “ها، اها ته حيرت جوڳي ڳالهه آهي، پر جڏهن ڳالهه رڳو اسٽار پاور جي ٿئي ٿي، ته منهنجو خيال آهي ته اڪشي پاڻ به مڃيندو ته هو سلمان جي اسٽار پاور جو مقابلو نٿو ڪري سگهي.”