ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري ۾ جتي گووندا ۽ سنيتا آهوجا جي طلاق جون خبرون هلي رهيون آهن، اتي هڪ ٻئي مشهور جوڙي جي طلاق جي تصديق سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي، ايڪتا ڪپور جي ماضي جي مشهرو ڊرامي ڪيونڪي ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي ۽ فلم باغبان ۾ اميتاڀ بچن جي وڏي پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار امن يتن ورما ۽ سندس زال وچ ۾ عليحدگي جي خبر سامهون آئي آهي، 2015ع ۾ مڱڻو ڪرڻ بعد 2016ع ۾ پنهنجي گرل فرينڊ وندنا لالواني سان شادي ڪندڙ جوڙي شادي جي 9 سالن بعد طلاق جو فيصلو ڪيو آهي ۽ امن ورما جي زال وندنا لالواني مڙس کان طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، گليمر جي دنيا ۾ عليحدگي ۽ طلاق جي هڪ ٻئي پٺيان خبرن ماڻهن کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اداڪار جي ترجمان موجب سندن وچ ۾ ڪجهه عرصي کان مسئلا هلي رهيا آهن، پنهنجي اختلافن کي ختم رڪڻ جي ڪوششن باوجود حالتن ۾ بهتري ناهي آئي، ايتري تائين جو هنن خاندان شروع ڪرڻ جو منصوبو به بڻايو هو، پر انهن جا اختلاف تمام گهڻا وڌي ويا هئا ۽ صلح نه ڪري سگهيا، اها وندنا ئي هئي، جنهن طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.