ممبئي (اسپورٽس نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪار منوج ڪمار 87 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪار منوج ڪمار کي طبيعت بگڙجڻ تي ممبئي جي ڪوڪيلا بين ڌيرو ڀائي امباڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو جمعي جي صبح لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا رپورٽس موجب، ڊاڪٽرن طرفان جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۾ ڦڦڙن جي خرابي کي اداڪار جي موت جو ڪارڻ ڄاڻايو ويو آهي. اداڪار جي موت تي فلم انڊسٽري سميت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پڻ گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته اداڪار منوج ڪمار 4 جولاءِ 1937 تي ايبٽ آباد ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندنا لڏپلاڻ ڪري ڀارت هليو ويو هو. هن 1957ع ۾ بالي ووڊ جي فلم ”فيشن“ ذريعي ڊيبيو ڪيو ۽ 1965ع ۾ سندس فلم ”گمنام“ ڪيئي نوان رڪارڊ قائم ڪيا. ان کانسواءِ، منوج ڪمار پنهنجي فلم ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ لاءِ 1975 ۾ فلم فيئر ايوارڊ ۾ بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ کٽيو هو، جڏهن ته هو سياسي جماعت ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جو سرگرم اڳواڻ پڻ رهيو. منوج ڪمار جو ڳاڻيٽو ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور ترين اداڪرن ۾ ٿيندو هو ۽ کيس ڀارت جي سڀ کان وڏي شهري اعزاز ”پدما شري“ ۽ ڀارتي سئنما جي سڀ کان وڏي اعزاز ”دادا صاحب ڦالڪي“ سان نوازو ويو هو.