ڪولڪته (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره زرين خان مشڪل ۾ پئجي وئي آهي، ڪولڪته جي عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڀارتي ميڊيا موجب ڪولڪته جي عدالت 2018 ۾ دوکو ڏيڻ جي ڪيس ۾ زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، بالي ووڊ اداڪاره تي هڪ شو ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ پيسا وٺڻ باوجود پرفارمنس نه ڏيڻ جو الزام آهي، رپورٽس موجب ڪولڪته جي عدالت زرين خان کي ڪيس جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو، پر هو پيش نه ٿي، جنهن بعد سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، زرين خان گرفتاري وارنٽ بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته کيس ان باري ۾ ڪا خبر ناهي، سندس قانوني ٽيم معاملي جو جائزو وٺندي ۽ ان بعد ردعمل ڏيندي.