ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ محبت جون شاديون ۽ طلاق ڪا نئين ڳالهه نه آهي، 80 جي ڏهاڪي کان اڄ تائين ڪيترين ئي اداڪارائن هڪ ٻه ايستائين جو ٽي شاديون به ڪيون. اڄ اسان توهان کي اهڙي اداڪارا بابت ٻڌائينداسين جيڪا ٽن شادين باوجود به اڄ اڪيلي زندگي گهاري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪارا نيلم عظيم ٻن غير مسلم ۽ هڪ مسلمان شخص سان شادي ڪئي، کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي جن مان هڪ هندي سئنما جو وڏو اداڪار بڻيو. نيلم عظيم جو واسطو هڪ اديب گهراڻي سان هو، سندس والد ماضيءَ ۾ ناليوارو صحافي رهيو، پر نيلم کي ننڍپڻ کان ئي ڊانس جو شوق هو. 15 ورهين جي عمر ۾ سندس دوستي اداڪار پنڪج ڪپور سان ٿي، جيڪا محبت ۾ بدلجي وئي، 17 ورهين جي عمر ۾ هن پنڪج ڪپور سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ، شاهد ڪپور ٿيو، جيڪو اڄ بالي ووڊ جو سپر اسٽار آهي. پنڪج ڪپور سان عليحدگي بابت نيلما جو چوڻ هو ته اِهو فيصلو رُڳي هن جو نه پر ٻنهي جو هو. ان کانپوءِ نيلم کي راجيش کتر سان محبت ٿي ۽ ٻنهي 1990 ۾ شادي ڪئي، جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد ٿيو جنهن نالو ايشان کتر رکيو ويو پر 11 سالن کانپوءِ2001ع ۾ ٻنهي هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان طلاق کانپوءِ، نيلم جي ملاقات رضا علي خان سان ٿي، ٻنهي 2004ع ۾ شادي ڪئي، پر هي رشتو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو ۽ ٻنهي ۾ 2009ع ۾ طلاق ٿي وئي.