ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جو سپر فٽ اداڪار جان ابراهم ۽ اداڪارا تمنا ڀاٽيا وڏي اسڪرين تي جلوا ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن. رپورٽن موجب ٻئي ناليواري هدايتڪار روهت شيٽي جي نئين بائيوپڪ فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جيڪا ممبئي پوليس جي اڳوڻي ڪمشنر راڪيش ماريا جي حياتي تي ٻڌل آهي. فلم راڪيش ماريا جي آتم ڪٿا “Let Me Say It Now” تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ان جي 36 ورهين جي شاندار پوليس سروس ۽ خطرناڪ ڪينسر کي منهن ڏيڻ جا داستان بيان ڪيا ويا آهن. فلم ۾ جان ابراهم راڪيش ماريا جو مک ڪردار نڀائيندو، جڏهن ته تمنا ان جي گهرواري پريتي ماريا جي روپ ۾ نظر ايندي. واضح رهي ته اها جان ابراهم ۽ تمنا ڀاٽيا جي ٻي فلم هوندي، ان کان اڳ تمنا 2024 ۾ رليز ٿيندڙ ايڪشن ٿرلر فلم ”ويدا“ ۾ جان سان گڏ مختصر ڪردار نڀايو هو.