بالوشاهي، جُنگشاهي ۽ “پنهنجن” هٿان برباد ٿيل شهر

0
120
بالوشاهي، جُنگشاهي ۽ “پنهنجن” هٿان برباد ٿيل شهر

  ڪئين صديون اڳ آباد ٿيل شهر جُنگشاهي، پير جُنگ شاهه جي نالي تي اڏيل آهي. ٺٽي شهر کان اولهه طرف 18 ڪلوميٽر ۽ ڪراچيءَ کان 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود ڪوهستاني علائقي جو هي شهر هاليجي ڍنڍ جي ڀر ۾ آهي، جتي قديم ريلوي اسٽيشن پڻ موجود آهي. اها ريلوي اسٽيشن 1861ع ۾ قائم ٿي.

                 پاڪستان ريلوي جي ٽريڪ تي شايد اها واحد ريلوي اسٽيشن آهي، جتي انڊر گرائونڊ ڪراسنگ بِرج يا انڊر پاس موجود آهي. ماضيءَ ۾ ريلوي اسٽيشن تي گاڏين جي گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. ٽرينن جي ذريعي جنگشاهي کان مڇي لاهور تائين ۽ کير ۽ مائو ڪراچيءَ تائين ويندا هئا پر هاڻي هن شهر جي تباهيءَ سان گڏ هيءَ ريلوي اسٽيشن پڻ تباهه ٿي وئي آهي. ٽرينن جا اسٽاپ ختم ٿيڻ جي ڪري اها اچ وڃ نه رهي آهي. هن وقت صرف هڪ يا ٻن ريل گاڏين جا اسٽاپ آهن.

                 جُنگشاهي شهر جي آبادي 25 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ هاليجي ڍنڍ جي ويجهو هجڻ جي باوجود به شهر واسين کي واٽرسپلاءِ جو پاڻي نٿو ملي ۽ اهي واٽر ٽئنڪرن جي ذريعي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.

هي شهر صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي. وڪيل محسن رسول ميمڻ ٻڌائي ٿو ته ڪجهه سال اڳ اسٽيل ملز، ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري ۽ ٺٽه شگر مل جون بسون رات جو هتي اسٽاپ ڪنديون هيون ۽ صبح جو ملازمن کي کڻي ڊيوٽيءَ تي پهچائينديون هيون. ايتري قدر جو ٽرينن جي سهولتن جي ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ جا ملازم به ريل ذريعي پنهنجي ڊيوٽين تي ويندا هئا. هي شهر خوشحال هو ۽ هتي جا ماڻهو پڻ خوشحال هوندا هئا، پر اها ماضيءَ جي ڳالهه آهي.

ڊرائيور استاد رمضان ٻڌائي ٿو ته هر 13 منٽن کانپوءِ هتان کان ٺٽي لاءِ بس نڪرندي هئي، جنهن مان ضلعي هيڊڪوارٽر ٺٽي ڏانهن ماڻهن جي اچ وڃ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هاڻي حالت اها آهي ته ڏينهن ۾ ٻه بسون مس هلن ٿيون. هي شهر سهولتن کان محروم هجڻ جي ڪري سمورا سرندي وارا ماڻهو پنهنجن ڪٽنبن سميت ٻين شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. هتي مذهبي رواداري به مثالي رهي آهي.

هتي هندو مذهب جا مندر ۽ ڌرم شالائون اڄ پڻ موجود آهن پر هندو برادريءَ جا گهڻا ماڻهو ڪاروبار جا موقعا نه هجڻ جي ڪري هي شهر ڇڏي ويا آهن.

هاليجي ڍنڍ 17 چورس ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهي ۽ وائلڊ لائف سينڪچوئري قرار ڏنل آهي پر هن وقت ماحولياتي تباهي ۽ ٻين سببن جي ڪري سائيبريا ۽ ٻين ملڪن کان جيڪي اڳي مهمان پکي ايندا هئا، اهي هاڻي نٿا اچن ۽ ڍنڍ ويران بڻيل آهي. هتي ورهاڱي کان اڳ هڪ پوسٽ آفيس قائم ٿيل هئي، جيڪا اڄ به موجود آهي پر هن وقت اها پڻ ويران پيل آهي.

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ پاڪستان پوسٽ کاتي جا حال پورا آهن، خانگي ڪوريئر سروسز کي منافعي جا موقعا ڏيڻ لاءِ هٿ وٺي هن اداري کي تباهه ڪيو ويو آهي پر هتي جي پوسٽ آفيس ڪجهه وڌيڪ ئي تباهه ٿي وئي آهي. هتي خط ۽ ٻي ڏيتي ليتي، جديد ذريعا اچڻ جي ڪري نٿي ٿئي. مطلب ته، “ڪرنل ڪو ڪوئي خط نهين لکتا”.

ملڪ جي سمورن شهرن جي، کاڌي پيتي جي شين جي حوالي سان هڪڙي مخصوص سڃاڻپ هوندي آهي، جيئن ميهڙ جو مائو، نصرپور جا پيڙا، دادوءَ جو اگم حلوو، شڪارپور جو آچار، ٽنڊي آدم جي سجي، ٺٽي جو “شولا ڀت”، مٽياريءَ جي آئس ڪريم، ائين جنگشاهي شهر جي سڃاڻپ مٺائي “بالوشاهي” آهي، جيڪا نج ۽ نبار گيهه سان ٺاهي ويندي آهي. مٺائيءَ جي ان دڪان جي ڇت تي هميشه هڪ وڏو بينر لڳل هوندو هو، جنهن تي لکيل هوندو هو،

“جنهن جُنگشاهيءَ جي بالوشاهي نه کاڌي، ان ڪجهه نه کاڌو”. اهو بينر پري کان ٽرينن مان ماڻهن کي نظر ايندو هو ۽ ان ذائقيدار مٺائي جي تشهير جو ذريعو هو. مٺائيءَ جي ان دڪان جو مالڪ لقمان قريشي جو چوڻ آهي ته سندس پڙڏاڏو ورهاڱي کانپوءِ هن شهر ۾ آباد ٿيو، اهي انڊيا جي جئيپور شهر ۾ رهندا هئا، اتي به اهي مٺائي جو ڌنڌو ڪندا هئا ۽ هتي به مٺائي جو ڌنڌو اختيار ڪيو ويو. “بالوشاهيءَ” کي ذائقي جي بلندين تي پهچائڻ جُنگشاهيءَ ۾ سندن بزرگ حاجي غلام نبي جو ڪمال هو، جيڪو ذائقو اڃان تائين برقرار آهي. هو انتهائي ڏکارو ٿي ٻڌائي ٿو ته اڳي ماڻهو پري کان مٺائي وٺڻ ايندا هئا پر هاڻي اچ وڃ جا ذريعا گهٽجي وڃڻ جي ڪري ماڻهو گهٽ اچن ٿا ۽ مٺائي جو ڌنڌو بند ٿيڻ تي آهي.

جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ سبز علي بلوچ جي نالي سان آباد آهي، جنهن ڳوٺ جا سمورا ماڻهو سنگتراشي جي فن ۾ ماهر آهن. ان ڳوٺ جو رهواسي وحيد بلوچ ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين جيڪي به ريلوي اسٽيشنون آهن، اهي پٿر جي گهڙائيءَ سان ٺهيل آهن، اهي سڀ اسٽيشنون هن ڳوٺ جي پٿر جي ڪاريگرن جون ٺاهيل آهن. ان کانسواءِ هي شهر، جنڊن ۽ چڪين جي ڪري به مشهور رهيو آهي.

وڏڙا ٻڌائين ٿا ته هن ڳوٺ جي ڪاريگرن جون چڪيون بلوچستان جي گڊاڻي ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽن انڊمان ۽ نڪوبار تي قائم “ڪاري پاڻيءَ” جي جيل تائين پڻ وينديون هيون انهن چڪين توڙي پٿر مان ٺهيل ٻين شين جي سپلاءِ جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تان ٽرينن جي ذريعي ٿيندي هئي. وحيد بلوچ انتهائي ڏکارو ٿي ٻڌائي ٿو ته هاڻي پٿر جي هنرمندن جا ڏکيا ڏينهن آهن ۽ اهو ڌنڌو بند ٿي ويو آهي، ڇو ته هاڻي هن فن جي جاءِ جديد مشينن والاري ورتي آهي.

ڳوٺ سبز علي بروهي جا اڪثر ماڻهو رقص، فن موسيقي ۽ آرٽ سان لاڳاپيل آهن. هتي هر ماڻهو آرٽسٽ لڳندو آهي. سنگتراشي، موسيقي ۽ رقص کان وٺي علم نجوم ۽ پامسٽري تائين جي علم جا ڄاڻو پڻ هتي رهن ٿا. ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور فنڪار لکاڏنو بلوچ پڻ هن شهر سان تعلق رکندو هو.

هتي جا فنڪار پنهنجي ساروڻين مان ٻڌائين ٿا ته جڏهن ضياءُ جي مارشلا ۽ ڀٽي صاحب جي جيل وڃڻ بعد آمر ضياءُ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو ته بيگم نصرت ڀٽو عوامي رابطا مهم تي ٺٽي آئي هئي ۽ اتي هڪ وڏو جلسو پڻ ٿيو هو. هتي جا فنڪار ٻڌائين ٿا ته انهن “دمادم مست قلندر…. ڀٽو جيتي جيل دي اندر” ڳايو هو ۽ رقص ڪيو هو، جنهن تي بيگم نصرت ڀٽو طرفان پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ويو هو.

جنگشاهي جي ڀرپاسي ۾ 10 ونڊ انرجي ڪمپنيون موجود آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ نيشنل گرڊ ۾ جنگشاهي جي هوائن مان بجلي پيدا ڪري موڪلي رهيون آهن پر افسوس اهو آهي ته هي شهر انهن روشنين کان محروم آهي. هتي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 4 ڪلاڪ بجلي اچي ٿي، اها به شام جو 6 وڳي کان رات جو 10 وڳي تائين، جڏهن ته 20 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، جنهنڪري نه صرف ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي پر ان ظلم سبب وڏي پئماني تي هن شهر مان لڏپلاڻ ٿي چڪي آهي ۽ اڃان ٿي رهي آهي.

هتي شديد غربت، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي گهڻي هجڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن جي جهلڪ جنگشاهي جي ريلوي اسٽيشن تي نظر ايندي، جتي هڪ درجن بئنچن تي اهي نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا نوجوان ڏينهن رات موجود هوندا آهن. جنهن مان پڻ هن شهر کي نه صرف حڪمرانن طرفان پر سياسي ڌرين طرفان پڻ نظر انداز ڪرڻ جو پتو پوي ٿو. ماضيءَ ۾ سياسي سجاڳيءَ جي حوالي سان هي شهر ضلعي جي ٻين شهرن کان اڳڀرو رهيو آهي. رسول بخش پليجي، غلام قادر پليجي، حمزي خان پليجي جو واسطو پڻ هن شهر سان رهيو آهي. سسئي پليجو جو تعلق به هن شهر سان آهي. جوکين جا ڄام به هن ڪوهستاني شهر سان واسطو رکن ٿا. ڪو وقت هو جڏهن هي شهر سياسي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو ۽ ايئن محسوس ٿيندو هو ته انقلاب ٻُنڀيءَ ٻاهران اچي بيٺو آهي. جنگشاهي جي جيڪا نَئين آهي، ان جي ڀر ۾ چانڊوڪي راتين ۾ مولودن جي ڌنن تي انقلابي گيتن جا پڙاڏا هوائن ۾ وکري پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا هئا:

نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي

وڏي واڪي چوان ٿو مان هنن ويڪو وڏيرن کي

سرويچ سجاوليءَ جو اهو قومي گيت مولود جي ڌن ۾ ڳايو ويندو هو. پر اڄ هن شهر ۾ سياسي سرگرمين جي اگر ڪا شاهدي ملي ٿي ته اها ان جي ڀتين تي لکيل انهن نعرن مان ملي ٿي، جتي اڄ به تحرير ٿيل آهي ته: “صبح شام…. جيئي ڄام” “جيئي پليجو…. جيئي سنڌ” ۽ ڪجهه ويجهڙ جي تحرير، “هڪ زرداري…. سڀني تي ڀاري”. اها آهي “پنهنجن” هٿان برباد ٿيل ان شهر جي ڪٿا.