ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ پسند جي شادي ڪندڙ ٽن جوڙن جي ڪيسن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو ته بنيادي طور تي هي جمهوري ۽ آزاد ملڪ آهي، جتي جڏهن ڇوڪرو يا ڇوڪريءَ بالغ ٿئي ته اهو پنهنجي پسند جي شادي ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن والدين ذات پات ۽ فرقي جي بنياد تي شادي لاءِ راضي نٿا ٿين ته ڇوڪري يا ڇوڪريءَ سان سماجي رابطو ختم ڪري سگهن ٿا پر کين هراسان يا تشدد نٿا ڪري سگهن، پوليس ۽ انتظامي اختيارين کي هدايت ڪريون ٿا ته پسند جي شادي ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڇوڪريءَ جي عمر بابت ڌرين ۾ ڪو تڪرار هجي ته انهي کي لاڳاپيل عدالت ۾ حل ڪيو وڃي. عدالت گهوٽڪي واسي جوڙي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته شاهه زمان خلاف داخل ڪيس سي ڪلاس ڪيو وڃي، عدالت پسند جي شادي ڪندڙ شاهه زمان ۽ مهوش جي گهرڀاتين کي 5،5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته مهوش چاهي ته پنهنجي والدين سان ملي سگهي ٿي. هوڏانهن ملير جي علائقي سکڻ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نورالدين ۽ سدره واري ڪيس ۾ پوليس ٻڌايو ته نورالدين خلاف داخل ڪيس کي به سي ڪلاس ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عدالت جيڪب آباد واسي جوڙي رابعه ۽ حبيب الرحمان کي به تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.