نگران وفاقي حڪومت طرفان ملڪ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي ملڪ ڇڏي وڃڻ جي وارننگ ۾ ٻه ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير اهو چئي چڪو آهي ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ واري تاريخ ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي پر ان جي باوجود ڪو خاص تحرڪ نظر نه پيو اچي. انهن پرڏيهين سبب گهڻو اثر سنڌ تي پئجي رهيو آهي پر سنڌ ۾ به ماٺ لڳي پئي آهي. سڄو مهينو گذرڻ وارو آهي پر سنڌ ۾ به غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪو سگهارو ڪريڪ ڊائون به نه سگهيو آهي. ويتر انهن جي سهولتڪاري ٿيندي نظر پئي اچي. ملڪ مان به اهي سياسي ڌريون، جيڪي هميشه انهن غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون رهيون آهن، انهن به سندن حمايت ۾ دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. افغانستان به ڪجهه مفاهمت واري اڳڀرائي ڪندي پاڪستان ۾ حملن کي جهاد مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پناهگيرن بابت ڪمشنر به پاڪستان حڪومت جي فيصلي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ غيرقانوني پرڏيهين واري معاملي تي ماڪ پوندي محسوس ٿي رهي آهي. توڙي جو سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي شروعات ۾ ڪجهه تحرڪ ڏيکاريو ۽ انتظاميا تي دٻاءُ به وڌو پر هميشه جيان هن ڀيري به عارضي جوش ۽ اڀار کان پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي آهي.
پاڪستان حڪومت طرفان غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي تڙڻ واري اعلان کان پوءِ پناهگيرن جي حق ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن، پر هتي جنهن ڳالهه کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اهو آهي انهن پناهگيرن جو اسٽيٽس. اهي غيرقانوني طور ترسيل آهن، انهن مان اهي، جن پنهنجي رجسٽريشن ڪرائڻ جي به ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ اهي پناهگيرن جي ترسڻ وارن اصولن جي پاسداري نه پيا ڪن. ڪنهن به ملڪ ۾ پناهگيرن جي رهڻ جا اصول ۽ قاعده طئه ٿيل هوندا آهن، جيڪي ميزبان ملڪ ۾ نه ملڪيت خريد ڪري سگهندا آهن، انهن کي ورڪ پرمٽ جاري ٿيندي آهي، انهن جي چرپر محدود هوندي آهي، انهن جي رجسٽريشن ٿيندي آهي. هن ملڪ ۾ جيڪي پناهگير آهن، انهن ۾ گهڻو تعداد افغانين جو آهي ۽ هي ڪهڙا پناهگير آهن، جيڪي هتي مستقل مهمان بڻيل آهن. هر ڀيري انهن جي هتي رهائش واري مدي ۾ بنا ڪنهن سبب ۽ جواز جي واڌ ڪئي ويندي آهي، اهو ڄاڻڻ جي باوجود ته اهي لکين افغان پناهگير ملڪي وسيلن تي بار آهن. ڏوهن ۾ به انهن جي ملوث هجڻ جون شاهديون ملي چڪيون آهن. سنڌ حڪومت ته گهڻي سستيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جو وفاقي حڪومت جي اعلان جو انتظار ڪيو، نه ته انهن کي فارين ايڪٽ تحت به گرفتار ڪري سگهجي ٿو، ڊي پورٽ ڪري سگهجي ٿو. هاڻي جڏهن وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي ۽ اها مهلت به پوري ٿيڻ تي آهي پر سنڌ ۾ پوليس جي ڪا ڳڻپ جوڳي سرگرمي نظر نٿي اچي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه وقت اڳ ملڪ ۾ غير قانوني طور تي ترسيل ڌارين جو تعداد 40 لکن کان وڌيڪ ٻڌايو ويو هو. افغان پناهگير جيئن ته گهڻي ڀاڱي سنڌ ۽ خيبر پختونخوا ۾ ترسيل آهن ۽ سنڌ ۾ به گادي وارو شهر ڪراچي انهن جو مسڪن بڻيل آهي. سنڌ سرڪار وٽ انهن جا ڪي به تفصيل نه آهن، انهن جي تعداد بابت ڪا به ڀروسي جوڳي ڊيٽا نه آهي. ان ڪري ان کي ٻين ادارن جي ڏنل انگن اکرن تي انحصار ڪرڻو پيو پوي. تازو آدمشماري ڪرائيندڙ وفاقي اداري شماريات طرفان سنڌ جي گهرو کاتي کي خط لکي آگاهي ڏني وئي آهي ته سنڌ ۾ 3 لک، 65 هزار، 36 غيرقانوني پرڏيهي ترسيل آهن. جيڪي انگ اکر ڀروسي جوڳا نه آهن.
هاڻي جڏهن نگران وفاقي حڪومت طرفان غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي ملڪ مان نڪري وڃڻ واري وارننگ ۾ باقي ٻه ڏينهن وڃي چيا آهن، ان ڪري سنڌ جي نگران حڪومت کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. اهي انگ اکر به سامهون اچڻ گهرجن ته وفاقي حڪومت طرفان مليل مهلت دوران ڪيترو تعداد واپس وڃي چڪو آهي.