باقراڻي (ن پ ا) آريجا ۾ نامعلوم هٿياربندن دانش شاهه جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا ۽ کوجي ڪتي ذريعي پيرا کنيا، جيڪي پڌر محلي جي رھواسي سڪندر ڪلهوڙو جي گهر ۾ لڳا، جتان پوليس شڪ جي بنياد تي گهر ڌڻي جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو، ساڳي ئي رات ممتاز ميمڻ جي گهر مان نامعلوم چور سولر پليٽون، بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا.