باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيد غلام شاهه ۾ ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان مختيار علي ولد حبدار ڪلهوڙو کي سندس ڀاءُ بلاول عرف بلو ڪلهوڙو پاران مبينا گهرو اڻبڻت تان سروٽا ھڻي  قتل بعد گهر جي ڪمري ۾ دفن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو  آهي،  مقتول نوجوان جي ڀاءُ ظهور ڪلهوڙو جي اطلاع تي پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري باقراڻي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو ،ان حوالي سان پوليس موجب ڳوٺ سيد غلام شاھ واسي 40 ورھين جو نوجوان مختيار ڪلھوڙو گم ٿي ويو ھو، ٿاڻي تي اين سي داخل آهي، بعد ۾ سندس ٻئي ڀاءُ ظهور ڪلهوڙو پاران ڏيکاريل شڪ جي بنياد تي جوابدار بلاول ڪلھوڙو کي پوليس تحويل ۾ وٺي  جاچ شروع ڪئي  جنهن ۾ جوابدار بلاول ڪلھوڙو اعتراف ڪيو ته 2 مھينا اڳ ھن پنهنجي ڀاءُ مختيار کي سروٽا ھڻي قتل ڪرڻ بعد لاش گھر جي ڪمري ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ  هو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، ھوڏانهن واقعي واري ھنڌ پوليس نفري مقرر ڪري پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن مقتول نوجوان جي والد ۽ سندس ڀاءُ ظهور ڪلهوڙو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.