باقراڻي (ن پ ا)باقراڻي تعلقي جي پير سيد ابراهيم شاهه بادشاهه جو ساليانو ٽي ڏينهن وارو ميلو شروع ٿي ويو، ميلي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ عقيدتمند توڙي مريد پهچي ويا، ميلي ۾ جهولا، رانديڪن ۽ مٺاين جي لڳل اسٽالن بازارون مان خريداريون ڪيون ويون، ميلي ۾ راند ڪوڏي ڪوڏي جي رانديگرن وچ ۾ مقابلو ٿيو ، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن گهوٽڪي ، سکر ، لاڙڪاڻو ، شڪارپور ، رشيد وڳڻ ، رتوديرو ، قمبر جي نالي وارن ڪوڏي ڪوڏي جي رانديگرن حصو ورتو، رانديگرن هڪ ٻئي مٿان چماٽون جا وسڪارا لاهي ڏنا ، تماشين ۾ هوڪرا پئجي ويا، ان موقعي تي درگاهه جي فقيرن محمد ياسين ميراڻي ، علي شير خاراني ، محمد عالم بروهي ، اوشاق هيسباڻي ۽ ٻين رانديگرن کي روڪ رقم انعام ۽ تاڙين سان ڀرپور داد ڏنو.