باقراڻي(ن پ ا) باقراڻي ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، درگاهه مشوري شريف لنڪ روڊ تي هٿياربندن هيڊ ماستر منور علي سولنگي کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ 6 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف واقعي خلاف استادن غلام حسين بروهي، ممتاز علي ڀيو ، همت علي ڏهر ، فياض علي ڪلهوڙو ، نظير احمد بروهي، زوهيب علي ڪلھوڙو ، سڪندر علي ڏهر ، آصف اقبال ميئو ، منور علي ڏهر ۽ ٻين طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي.