باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ نينگ سان بدفعلي معاملي جو نبيرو، جوابدارن تي ڏوهه ثابت، مجموعي طور ساڍا 7 لک روپيا ڏنڊ، خبر موجب نينگر سان بدفعلي واري معاملي جو راڄوڻي ذريعي نبيرو ڪيو ويو، علي آباد ۾ عدنان الطاف انڙ ۽ برڪت ابڙو جي سرپئنچي ۾ فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ متاثر نينگر احسان شيخ جي وارثن علي گوهر شيخ، علي اڪبر شيخ، شاهنواز شيخ ۽ زاهد شيخ سميت شيخ برادري جي ماڻهن ۽ الزام هيٺ آيل ٽنهي جوابدارن ارشد عباسي، عباس قريشي ۽ وزير دايو جي وارثن ۽ چڱن مڙسن فياض عباسي، ڪفايت ڪلهوڙو، شاهد قريشي، مصطفيٰ دايو، ضمير دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، الزام هيٺ آيل جوابدارن تي نينگر احسان شيخ سان بدفعلي ڪري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور ساڍا 7 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، مک جوابدار ارشد عباسي ۽ عباس قريشي 3 – 3 لک روپيا، جڏهن ته جوابدار وزير دايو تي ڏيڍ لک روپيا ڏنڊ پيو، ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي نينگر جي چاچن علي گوهر شيخ ۽ زاهد شيخ ٻڌايو ته جوابدار ڌر گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪ ڪتاب، سيد ۽ علائقي جا نيڪ مرد وٺي ميڙ کڻي پهتي هئي، جنهن بعد قرآن شريف کي مان ڏيندي علائقي جي عدنان الطاف انڙ وٽ فيصلي لاءِ راضي ٿياسين، فيصلي ۾ جوابدار ڌر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7ساڍا لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، واضح رهي ته ٽئي جوابدار 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل حوالي ٿيل آهن.