باقراڻي(ن پ ا) باقراڻي لڳ 7  ڏينهن اڳ ڪنبي لاڙي وٽ ڦر مزاحمت دوران قتل ٿيل پوليس اهلڪار محمد رفيق شيخ جي قاتلن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پ پ اڳواڻ طارق انور سيال اهلڪار جي والد ممتاز علي شيخ، چاچي قربان شيخ ۽ وارثن سان ڳوٺ ارباب شيخ پهچي تعزيت ڪئي،  پ پ اڳواڻ آڏو مقتول پوليس اهلڪار جي وارثن پوليس مٿان بي اعتمادي جون دانهون ڪيون ته باقراڻي پوليس ڪيس ۾ نوجوان کي آن ڊيوٽي نه ڏيکاريو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل نه ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اڳوڻي ايس ايچ او باقراڻي عبدالستار ڀيو ذاتي دشمني جو سبب ڄاڻائي آفيسرن آڏو غلط بياني ڪئي آهي،پ پ اڳواڻ طارق انور سيال اهلڪار جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته رفيق شيخ جي خون سان انصاف ٿيندو،  قاتل ڪيترا به طاقتور ڇو نه هجن کين بخش نه ڪيو ويندو.