لاڙڪاڻو/باقراڻي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ڀرسان باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملان ابڙو مان شاگرد نوجوان وقار ابڙو جو گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، باقراڻي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب وقار ابڙو جي قتل جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ اهڙي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن وارث ٿاڻي تي اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ آيا ته سندن مرضيءَ موجب اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.