باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ دادو ڪئنال مان 57 ريگيوليٽر وٽان نڪرندڙ گلپسي شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي لعل بخش مڱريو، وحيد جتوئي، علي گوهر جتوئي، راھب هليو ۽ ٻين چيو ته گلپسي شاخ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب پڇڙي جي زمينن تي پوکيل فصل سڙي تباهه ٿي ويا آهن، ھنن چيو ته فصل نه ٿيڻ سبب آبادگارن کي معاشي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته گلپسي شاخ ۾ پاڻي ڇڏي مسئلو حل ڪيو وڃي.