باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه آيو، ڪالهه گاهي واهه ڀرسان ڳوٺ آريجا ويندڙ عدنان آريجو، عمران ميمڻ، پوليس اهلڪار عامر ڪلهوڙو ۽ رٽائرڊ پوليس اهلڪار علي نواز ڪلھوڙوکي 4 ھٿياربندن يرغمال بڻائي ڦر ڪئي، باقراڻي پوليس جي نگراني ۾ کوجي ڪتي ذريعي جوابدارن جا پيرا کنيا ويا جيڪي ڳوٺ دولت کوکر ۾ لڳا، جتان پوليس بنا ڪنهن گرفتاري جي واپس موٽي آئي.