باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي ٿاڻي جي حد پير ڪبير شاهه پوليس پڪٽ وٽ موئن جو دڙو روڊ تي هٿياربند ڏوڪري کان لاڙڪاڻي مزدا تي ويندڙ سبزي جي واپارين احسان ميمڻ، عبداللطيف جوڻيجو، عبدالستار ماڇي، ماجد ميمڻ، ڊرائيور محمد رفيق جوڻيجو، شاهنواز قاضي کي روڪي يرغمال بڻائي مٿن تشدد بعد 3 لک روڪ ۽ 6 موبائل ڦري ويا، پوليس روايتي طور واقعي جي اين سي داخل ڪري ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، هوڏانهن واپارين احسان ميمڻ ۽ شاهنواز قاضي احتجاج ڪندي چيو ته مزدا تي ڏوڪري کان لاڙڪاڻي سبزي منڊي وڃي رهيا هئاسين ته هٿياربند تشدد جو نشانو بڻائي ڦري ويا نوٽيس وٺي اسان کان ڦر ٿيل رقم ۽ موبائل واپس ڪرايا وڃن.