باقراڻي (ن پ ا)  باقراڻي ٿاڻي جي حد ڪنبي لاڙي وٽ لاڙڪاڻو موهن جو دڙو روڊ تي لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال مان علاج وٺي ڳوٺ ايندڙ ڳوٺ جهنڊو سهڙو واسي پيرسن مريض مظهر سهڙو، سندس پٽ عرفان ، ڀاءُ علي اڪبر سهڙو توڙي رڪشا ڊرائيور محسن علي شيخ کي 3 نامعلوم هٿياربندن روڪي 87 هزار روپيا روڪ رقم ۽ 3 موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر واقعي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن عبدالسميع سيهڙو، حافظ محمد آدم سيهڙو ، عبدالمتين سهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته باقراڻي تعلقي اندر بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ، روڊ رستا عوام لاءِ نو گو ايريا بڻجي ويا آهن. مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر جوابدار گرفتارنه ٿيا ته 22 جنوري تي سومر ڏينهن لاڙڪاڻو موهن جو دڙو روڊ تي ڌرڻو هڻنداسين.