باقراڻي(ن پ ا) سنڌ ادبي سنگت جو اڳوڻو مرڪزي سيڪريٽري، ناليواري اديب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي جنازي نماز بعد آلين اکين سان تدفين، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي جنازي نماز باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ فريد آباد ڀرسان سيال هائوس انور آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال، پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، ايم پي اي جميل احمد سومرو، اعجاز احمد لغاري، انور علي لهر، محمد خان سيال، سميت اديبن ، شاعرن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم جو مڙھ جنازي نماز بعد سندس اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.