باقراڻي(رپورٽ: احمد نواز بلوچ) 2 ڏينهن اڳ باقراڻي ٿاڻي جي حد ڪنبي لاڙي وٽ ھٿياربندن ھٿان گوليون ھڻي قتل ڪيل باقراڻي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار محمد رفيق شيخ جي قتل واقعي جو ڪيس 30 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود باقراڻي ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگھيو، شھيد اھلڪار جي وارثن ۽ شيخ برادري جي ماڻهن ۽ آس پاس جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران شهيد اهلڪار جو ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل نه ٿيڻ خلاف شھيد اھلڪار محمد رفيق جو لاش مولوي شاخ وٽ لاڙڪاڻو موھن جو دڙو روڊ تي رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ، جنهن سبب لاڙڪاڻو ، باقراڻي، موئن جو دڙو، ڏوڪري، باڊهه، راڌڻ ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي شھيد اھلڪار محمد رفيق شيخ جي والد ممتاز علي شيخ، ڀاءُ قربان علي شيخ، محمد نصير شيخ، مختيار شيخ، الله بخش شيخ، اياز شيخ، عبدالغفار شيخ، نظير شيخ، محمد سچل شيخ، رستم شيخ ۽ ٻين مظاهرين ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناھي، اسان جو نوجوان ڦر مزاحمت دوران شهيد ٿيو آهي، ايس ايچ او باقراڻي عبدالستار ڀيو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ واقعي کي ذاتي دشمن جو رنگ ڏئي رهيو آهي، گذريل رات ايس ايس پي لاڙڪاڻو اچي يقين ڏياريو ھو ته ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويندو، هاڻ انڪار ڪيو پيو وڃي اسان جو نوجوان آن ڊيوٽي دوران ڦر مزاحمت ڪرڻ تي شهيد ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري شهيد اهلڪار محمد رفيق شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او باقراڻي عبدالستار ڀيو کي معطل ڪري پوليس لائين ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، ھوڏانھن ڳوٺاڻن جو ڌرڻو 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جاري ھو ڌرڻي دوران باقراڻي ٿاڻي تي نئون مقرر ايس ايچ احمد علي اوڍو ۽ ڊي ايس باقراڻي امداد ٽالپر اي ايس پي سٽي لاڙڪاڻو عبدالله افضل ڌرڻي واري ھنڌ پھچي شھيد اھلڪار جي وارثن سان ڳالھيون ڪيون ته اوھان واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ۽ ڌرڻو ختم ڪيو مگر شھيد اھلڪار جي وارثن کين جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو ۽ ڳالھيون ناڪام ٿي ويون ، ان موقعي تي شھيد اھلڪار محمد رفيق شيخ جي والد ممتاز علي شيخ ۽ ٻين وارثن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل 10 ڪلاڪن کان وٺي انصاف لاءِ شهيد جو لاش روڊ تي رکيون ويٺا آهيون مگر شهيد جي قتل جو ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل نٿو ڪيو پيو وڃي، اسان جو نوجوان ڦر مزاحمت دوران شهيد ٿيو آهي، هنن چيو ته ان وقت تائين تڪ جا چونڊيل نمائيندا پڻ نه پهتا آهن، جڏهن ته پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ جو ڀاءُ پ پ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ، جي ڊي اي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪاظم عباسي، يوسي پٺاڻ چئيرمين آفتاب ظفر سيال پڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي کين همدردي جو اظهار ڪندي انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو .