باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي لڳ ٻگهيا هائوس نئين گڏ ۾ اڳوڻي پ پ ايم پي اي حزب الله ٻگهيو جي سرپئنچي هيٺ ڳوٺ شير محمد سهڙو ۾ سھڙا ۽ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل  نوجوان سڪندر علي سھڙو جي قتل وارو معاملي جو نيبرو ٿيو آهي، نبيري ۾ ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن گاجي خان سھڙو ، ڊاڪٽر حبيب الله سھڙو ، حافظ درمحمد سهڙو ، محمد اويس سھڙو ، جعفر ماڇي ، محمد صديق ٻرڙو ، استاد نثار سولنگي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي،  ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ماڇي ڌر مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي اسڪول چوڪيدار سڪندر سھڙو خون جا 30 لک ۽ 2 زخمين جا 30 لک رپيا مجموعي طور 60 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو  تڏو ميڙ ڪري وڃڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي.  ياد رهي ته باقراڻي تعلقي جي حسن واهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد سهڙو ۾ 6 مهينا اڳ سھڙا ۽ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين گاجي خان سھڙو ۽ جعفر علي ماڇي ڌر وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ سھڙا ڌر جو نوجوان ڳوٺ شير محمد سهڙو واسي پرائمري اسڪول جو چوڪيدار سڪندر علي سھڙو ، حبيب الله سهڙو ، بشير احمد سهڙو ڏنڊا ۽ ڪهاڙي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا هئا، بعد ۾ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو ۾ داخل ٿيل زخمي اسڪول جو چوڪيدار سڪندر علي سھڙو دم ڏئي ڇڏيو هو.