باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ڀرسان درگاھه مخدوم حافظ امام بخش سومرو ۾ سجاده نشين مخدوم حافظ شفيق الرحمان سومرو جي ڀائرن حبيب الرحمان ۽ عتيق الرحمان سومرو جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، دادو واسي غلام شبير سولنگي زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ دم ڏنو، درگاهه تي ٿيل جھيڙي دوران مارجي ويل مريد غلام شبير سومرو جي قتل جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي مقتول غلام شبير سولنگي جي پٽ منٺار سولنگي جي فرياد تي درگاهه جي سجاده نشين مخدوم حافظ شفيق الرحمان سومرو جي ڀاءُ مخدوم حافظ حبيب الرحمان سومرو سندس ٽن پٽن خليق زمان سومرو، رفيق زمان سومرو ، عميق زمان سومرو ۽ ٻه اڻ سڃاتل جوابدارن سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار عميق زمان سومرو کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته حبيب الرحمان ۽ عتيق الرحمان سومرو جي ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ مخدوم حافظ عتيق الرحمان سومرو ڌر جو دادو واسي مريد غلام شبير سولنگي ۽ نوابشاهه واسي ذيشان چنو زخمي ٿي پيا هئا، زخمي غلام شبير سولنگي فوت ٿي ويو هو.