باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ نينگر سان بدفعلي وارو معاملو، پوليس متاثر نينگر جي ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا، جاءِ واردات جو معائنو، جاچ تيز، چڙهايون، جوابدار ڌر جون وارثن کي ڌمڪيون، رپورٽ موجب ھائير سيڪنڊري اسڪول جي ڪلارڪ ارشد ڪلهوڙو ۽ ٻين جوابدارن پاران بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگر احسان علي شيخ کي پوليس ڏوڪري اسپتال آندو، جتي سندس ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا، بعد ۾ جاءِ واردات جو معائنو ڪيو، نينگر جي چاچي ۽ ڪيس جي فريادي دانهيو ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي ٺاهه لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته غريب ضرور آهيو پر بزدل ناهيون، هڪ طرف جوابدار ٺاهه لاءِ ميڙ منٿون موڪلي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، ڪنهن به صورت ۾ جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو، هن مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، هوڏانهن ٽي اي او رئيس احمد عباسي مک جوابدار پنهنجي ڀاڻيجي ارشد ڪلهوڙو کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، هن جوابدار کي سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي، هن چيو ته اسڪول جي پرنسپال ۽ ڊي اي او لاڙڪاڻو کي لکت ۾ جوابدار خلاف آفيشلي ڪارروائي جو چيو آهي.